حويلي – 15 مئي (اي پي پي) ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ايل او سي جي عوام جنهن دليري ۽ جرئت سان ڀارتي جارحيت ۽ بربريت جو مقابلو ڪيو ان جو مثال نٿو ملي، ڀارتي گولا باري سبب شهيد ٿيلن جي وارثن کي وفاقي حڪومت طرفان هڪ ڪروڙ روپيا جڏهن ته زخمين کي 20 لک روپين جا امدادي چيڪ ڪجهه ڏينهن ۾ ڏنا ويندا. پي آءِ ڊي حويلي مان جاري بيان موجب امير مقام ڀارتي گولا باري سبب شهيد ٿيل راج محمد چوهاڻ ۽ شهيد اسلم بٽ جي خاندان سان تعزيت جي اظهار لاءِ فارورڊ ڪهوٽه پهتو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي رهندڙ ماڻهو گذريل ستن ڏهاڪن کان پنهنجي حياتين جي قرباني پيش ڪري رهيا آهن. پاڪستان جو 25 ڪروڙ عوام ۽ فوج توهان سان گڏ بيٺل آهي. هن ٻڌايو ته هو وزيراعظم پاڪستان ميان محمد شهباز شريف جي خاص هدايتن تي هتي تعزيت لاءِ آيو آهي. هن چيو ته هن مشڪل وقت ۾ پاڪستان ۽ پاڪستان جي فوج ايل او سي تي رهندڙ عوام سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان هر محاذ تي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي، معاشي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندو. هن چيو ته اڄ ايل او سي تي بيهي مودي سرڪار کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته جيستائين سرحد جي هن پار مظلوم ڪشميرن کي سندن بنيادي خوداراديت وارو حق نٿو ملي، تيستائين اسان سک سان نه ويهنداسين.