گڏيل قومون – 15 مئي (اي پي پي) پاڪستان يمن ۾ جامع امن قائم ڪرڻ لاءِ سياسي عمل بحال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آھي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل ۾ يمن ۾ سياسي عمل کي ٻيھر متحرڪ ڪرڻ تي زور ڀريو آھي ته جيئن ھڪ جامع ۽ پائيدار حل جو بنياد رکجي جنھن ۾ يمن جي پرامن مستقبل کي يقيني بڻائي سگهجي. ھن چيو ته يمن جي بحران جو ڪو فوجي حل ناھي، ھتي مسلسل سياسي ويڇو، معاشي تباھي ۽ ماحولياتي تباھي عام شھرين کي وڏو نقصان پھچائي رھي آھي. ھن يمن جي صورت حال تي بحث ۾ خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته عالمي برادري ۽ سلامتي ڪائونسل کي يمن ۾ وڌيڪ خرابي کي روڪڻ ۽ پرامن ۽ وڌيڪ پراميد مستقبل ڏانھن کڻي وڃڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪرڻ گھرجي. پنھنجي ريمارڪس ۾ ھن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سھولتڪاري ۾ يمن جي قيادت ھيٺ امن عمل جي حمايت ڪري ٿو ۽ سعودي عرب ۽ عمان طرفان جاري سفارتي ڪوششن جي آجيان ڪري ٿو ۽ سمورين ڌرين تي زرو ڀري ٿو ته ھو ڊسمبر 2023ع جي روڊ ميپ تي اڳڀرائي ڪن جيڪو ھڪ قابل اعتماد امن فريم ورڪ فراھم ڪري ٿو. ھن چيو ته سمورين ڌرين کي پنھنجي وعدن جو احترام ڪرڻ گھرجي، وڌ کان وڌ تحمل جو مظاھرو ڪرڻ گھرجي ۽ سفارتڪاري کي سڀ کان وڌيڪ ترجيح ڏيڻ گھرجي. ھن چيو ته پاڪستان سمورن عطيو ڏيندڙن تي زور ڀري ٿو ته ھو يمن جي حوالي سان گڏيل قومن جي اداري جي آفيس فار دي ڪوارڊينيشن آف ھيومينٽيرين افيئرز جي اپيل جو فوري ۽ وڏي دل سان جواب ڏئي ڇو ته يمن جو انساني بحران بدستور سنگين آھي. پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان حوثين ۽ آمريڪا وچ ۾ تازي جنگبندي کي ھڪ ھاڪاري اڳڀرائي طور ڏسي ٿو. ھن چيو ته اهو موقعو ضائع نه ڪرڻ گھرجي پر ان مان فائدو وٺڻ گھرجي. ھن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ امدادي ادارن جي عملي جي مسلسل نظربندي جي به شديد مذمت ڪري ٿو جيڪا عالمي قانون جي کليل ڀڃڪڙي آھي ۽ انهن جي غير مشروط آزادي جو مطالبو ڪري ٿو. پاڪستاني نمائندي چيو ته جاري اسرائيلي جارحيت نه رڳو فلسطيني عوام جي مشڪلاتن کي ڊيگھه ڏئي رھي آھي پر ڊگھي علائقائي ڇڪتاڻ جي خطرن کي به وڌائي رھي آھي، ڳاڙهي سمنڊ ۽ نار عدن ۾ ڏسي سگھجي ٿو. ھن 15 رڪني ڪائونسل کي ٻڌايو ته غزه ۾ پائيدار ۽ فوري جنگبندي انساني ضرورت آھي ۽ علائقائي استحڪام لاءِ ھڪ شرط آھي.