سرينگر – 15 مئي (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ پوسٽر لڳايا ويا آهن جن ذريعي ڀارتي جارحيت خلاف هڪ موثر جوابي ڪارروائي تي پاڪستان ۽ پاڪ فوج کي مبارڪون ڏنيون ويون آهن. پوسٽرن ۾ پاڪستاني جهنڊي کان علاوه رافيل سميت ڀارتي جنگي جهازن کي ڪيرائيندڙ جي 10 سي جي تصوير به موجود آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ”آپريشن بنيان مرصوص“ جي حوالي سان اهي پوسٽر مختلف آزادي پسند تنظيمن سرينگر ۽ ٻين علائقن جي ڀتين ۽ ٿنڀن تي لڳايا آهن. پوسٽرن تي لکيل آهي ”آپريشن بنيان مرصوص“، ڀارتي فوجي جارحيت خلاف پاڪستان جو ڀرپور جواب، پاڪستان ڪشميرين جون دليون کٽي ورتيون آهن. پاڪ فوج انتهائي مبارڪن جي مستحق آهي، پيشيوراڻي مهارت سان ڀرپور طريقي سان ليس پاڪستاني فوج ڀارتي عسڪري صلاحيت جو پول کولي ڇڏيو، ڪشميري ڀارتي قبضي مان آزادي تائين ڪنهن به صورت ۾ سک سان نه ويهندا. اهي پوسٽر سماجي رابطن جي ويب سائٽن فيس بڪ، ايڪس وغيره تي به اپ لوڊ ڪيا ويا آهن.