اسلام آباد-14 مئي(اي پي پي)سرڪاري اسڪيم تحت حج پانڌيئڙن جي جده ايئرپورٽ تي آمد جو ٻيو مرحلو شروع ٿي ويو آهي. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف، روٽ مڪه تحت اسلام آباد کان سڌي ريت جده ايندڙ پهرين اڏام جو استقبال ڪيو.ڊي جي حج عبدالوهاب سومرو، چيف ڪوآرڊينيٽر حج آپريشن ڊاڪٽر مرزا علي محسود، ڊائريڪٽر مڪه عزيز الله خان، قونصل جنرل خالد مجيد، سعودي اختيارين ۽ ٻين آفيسرن حج پانڌيئڙن کي جده ايئرپورٽ تي ڀليڪار ڪيو. ٻئي مرحلي ۾ 31 مئي تائين لڳ ڀڳ 46 هزار حج پانڌيئڙا جده جي رستي مڪي پهچندا. سڌي ريت جده ايندڙ حاجي سڳورا حج کانپوءِ مديني شريف روانو ٿيندا.