تهران-13 مئي( اي پي پي) آمريڪا ايران تي نيون پابنديون لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ايٽمي هٿيارن جي تياري ۾ مبينه ڪردار تي ايران جي ٽن ماڻهن ۽ هڪ اداري تي پابندي لڳائي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پابندين لاءِ نامزد هڪ ڪمپني فويا پرس پراسپيڪٽوٽيڪنالاجسٽ آهي، جنهن سان ٽي ماڻهو مبينه طور ملڪ جي دفاع واري وزارت تحت ايران جي دفاعي تحقيقي تنظيم سان جڙيل آهن. اهو ادارو ان جي فارسي مخفف ايس پي اين ڊي سان به سڃاتو وڃي ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي قدمن جو مقصد ايٽمي هٿيارن جي تحقيق ۽ ترقي لاءِ ايس پي اين ڊي جي صلاحيت ۾ دير ۽ گهٽتائي آڻڻ آهي. پابنديون آمريڪا ۾ نامزد ماڻهن ۽ اداري جي ڪنهن به اثاثي کي منجمند ڪري ڇڏينديون ۽ آمريڪي شهرين ۽ ڪمپنين تي انهن سان ڪاروبار ڪرڻ تي پڻ پابندي لاڳو هوندي.