اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ڪردن جي گروپ ”پي ڪي ڪي“ جي تحليل جي اعلان جي آجيان ڪندي ان کي دهشت کان پاڪ ترڪيه ۽ پائيدار امن قائم ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اها تاريخي اڳڀرائي ترڪيه جي قيادت رجب طيب اردوان ۽ ترڪ قوم جي مفاهمت، اتحاد ۽ استحڪام طرف گامزن رهڻ جي پختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جو عزم ڪيو آهي.