رياض -12 مئي (اي پي پي)بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سان منامه جي قصر الصخير ۾ سعودي عرب جي تعليم واري وزير يوسف بن عبدالله البنيان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ان دوران ڪنگ عبدالله بن عبدالعزيز ميڊيڪل سٽي جي مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ معاهدي تي صحيحيون ڪيون. اهو منصوبو عربين گلف يونيورسٽين تحت ٻنهي ملڪن وچ ۾ طبي تعليم۽ هيلٿ ڪيئر انفراسٽرڪچر ۾ اهم سهڪار جي عڪاسي ڪري ٿو. ملاقات دوران سعودي تعليم واري وزير سعودي قيادت طرفان مبارڪن جو پيغام ڏنو ۽ بحرين جي مسلسل ترقي جي خواهش ظاهر ڪئي. هن بحرين سان خاص ڪري تعليم جي شعبي ۾ پراڻا لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي اهميت کي به اجاگر ڪيو. شاهه بحرين سعودي وزير جي آجيان ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو. هن گڏيل منصوبن خاص ڪري ڪنگ عبدالله ميڊيڪل سٽي جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اطهار ڪيو ۽ کيس بحرين ۽ سعودي عرب وچ ۾ گهري سهڪار کي عڪاس قرار ڏنو.