رياض -12 مئي (اي پي پي) سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان شام جي صدر احمد الشرع ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رابطي دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي اڳواڻن شام جي تازي صورتحال سميت سلامتي ۽ استحڪام کي وڌائڻ لاءِ جاري ڪوششن تي به ڳالهيون ڪيون.