بيجنگ -10 مئي (اي پي پي) چين ڀارت ۽ پاڪستان تي زور ڀريو آهي، ته اهي امن ۽ استحڪام جي وسيع تر مفاد لاءِ ڪم ڪن ۽ پرامن طريقي سان سياسي حل واري رستي تي واپس اچن. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻنهي ملڪن وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ کان پوءِ چيو آهي، ته چين ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جاري صورتحال تي گهري نظر رکي رهيو آهي ۽چين کي ان حوالي سان شديد ڳڻتي لاحق اهي. ترجمان چيو ته اسان ٻنهي ڌرين تي زور ڀريون ٿا ته اهي امن ۽ استحڪام جي وسيع تر مفاد ۾ ڪم ڪن، پرسڪون رهن ۽ تحمل جو مظاهرو ڪندي پرامن ذريعي سان سياسي حل واري رستي تي واپس اچن ۽ ڪنهن به اهڙي ڪارروائي کان پاسو ڪن جنهن سان ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جو مستحڪم رهڻ پرامن خطي لاءِ اهم هوندو، هن چيو ته عالمي برادري کي به اها اميد آهي ۽ چين ان مقصد لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.