نيويارڪ – 09 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته اسان سلامتي ڪائونسل جي ٺھرائن جي فريم ورڪ اندر عالمي عدم پکيڙ جي اصولن ۽ ٻيٽ نما ڪوريا کي ايٽمي ھٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي مقصد جي حمايت ڪيون ٿا، پاڪستان پنھنجي ۽ دنيا جي ٻين خطن ۾ امن ۽ استحڪام جو خواھشمند آھي. ھن ”عدم پکيڙ/ عوامي جمھوريه ڪوريا“ جي عنوان سان ھڪ بحث دوران چيو ته پاڪستان ٻيٽ نما ڪوريا جي درپيش چئلينجن کي منھن ڏيڻ لاءِ سفارتي سرگرمين ۽ ڳالھه ٻولھه تي زور ڀريو آھي. ھن چيو ته اسان سلامتي ڪائونسل جي ٺھرائن جي فريم ورڪ اندر عالمي عدم پکيڙ جي اصولن ۽ ٻيٽ نما ڪوريا کي ايٽمي ھٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي مقصد جي حمايت ڪيون ٿا، اسان دنيا ۾ ڪٿي به ايٽمي تجربي جي بحالي جي مخالفت ڪيون ٿا ۽ ڪنھن به ميمبر ملڪ طرفان يو اين ايس سي جي ٺھرائن جي ڀڃڪڙي کي بغير ڪنھن به ڇوٽ جي ڳڻتي سان ڏسون ٿا. سفير عثمان جدون سمورن لاڳاپيل ماڻھن تي زور ڀريو ته ھو تحمل جو مظاھرو ڪن ۽ ھلندڙ تڪرار ۾ اضافو نه ڪن يا ڪو اھڙو قدم نه کڻن جيڪو امن ۽ سلامتي لاءِ نقصان ڪار ھجي. ھن چيو ته سلامتي ڪائونسل کي خطي ۾ تڪرارن کي گهٽائڻ جو طريقو ڳولڻ، اعتماد ۽ سلامتي جي تعمير جي قدمن جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۾ قيادت ڪرڻ گھرجي. پاڪستاني سفير ٻيٽ نما ڪوريا کي ايٽمي ھٿيارن کان پاڪ ڪرڻ ۽ عدم پکيڙ جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اجتماعي ڪارروائي جي ضرورت تي زور ڀريو. ھن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪنھن به اھڙي قدمن يا مداخلت جي مخالفت ڪري ٿو . ھن چيو ته اسان کي اميد آھي ته سلامتي ڪائونسل ڳالھين کي بحال ڪرڻ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ امن ۽ سلامتي جي درپيش خطرن کي گھٽ ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ اتحاد جو مظاھرو ڪندي.