اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) واپار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار راڻا احسان افضل خان سان قازقستان جي پاڪستان ۾ سفير يرزان ڪيستافن ڪالهه ملاقات ڪئي. جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي مختلف رُخن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌُرين گڏيل واپار ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. رانا احسان افضل چيو ته پاڪستان قازقستان سان پنهنجي تاريخي ۽ خوشگوار لاڳاپن کي جامع اقتصادي حصيداريءَ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن کي هڪجهڙا فائدا حاصل ٿي سگهن. سفير يرزان ڪيستافن ٻُڌايو ته 24-2023ع دوران پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ ٻه طرفو واپار 172.5 ملين آمريڪي ڊالر رهيو، جن مان 170.82 ملين ڊالر پاڪستان جي روانگي واپار هئي. هن رانا احسان افضل کي جون جي آخر ۾ قازقستان ۾ رٿيل بزنس فورم کان آگاهه ڪيو ۽ پاڪستاني اسٽيڪ هولڊرز کي ان ۾ ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏني. سفير پاڪستان ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ قازقستان بابت ايجنسيءَ وچ ۾ هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي تجويز پيش ڪئي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي واپاري ادارن وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏئي سگهجي. ملاقات ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ ڪاروباري وفدن لاءِ ويزا سهولتن جهڙن اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. رانا احسان افضل خان ان تجويز جي آجيان ڪئي ۽ـ چيو ته پاڪستان گڏيل واپاري مفادن کي هٿي ڏيڻ ۽ وچ ايشيائي ملڪن کي عالمي مارڪيٽن تائين رسائي فراهم ڪرڻ لاءِ علائقائي معاشي انضمام جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.