اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته هٿياربند فوج جي طبي ضرورتن کي ترجيحي بنيادن تي پورو ڪيو ويندو، صحت واري وزارت صورتحال جي ڪڙي نگراني ڪري رهي آهي. بلڊ اسڪريننگ جي نظام کي مؤثر ۽ بهتر بنائڻ ۽ پولي ڪلينڪ اسپتال ۾ سڙي زخمي ٿيل مريضن جي علاج جا خصوصي انتظام ڪيا ويا آهن. قومي صحت واري وزارت جي ترجمان طرفان جاري تفصيلن موجب پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ جي روشنيءَ ۾ وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ قومي صحت واري اداري ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ قومي صحت واري اداري جو ڊائريڪٽر جنرل، سي اي او ڊريپ ۽ سمورن وفاقي اسپتالن جي سربراهن اسلام آباد هيلٿ ريگيوليٽري اٿارٽي جي سربراهه ۽ صحت واري وزارت جي سينيئر آفيسرن سميت ڊائريڪٽر جنرل آزاد ڄمون ڪشمير ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس جو مقصد هنگامي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيارين ۽ حڪمت عمليءَ جو جائزو وٺڻ هو. اجلاس دوران وفاقي وزير چيو ته ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ صحت واري وزارت ۽ ان جا ماتحت ادارا مڪمل الرٽ رهندا. هن چيو ته ڀارت ناقابل اعتبار دشمن آهي، اسان کي هر ممڪن صورتحال لاءِ تيار رهڻو پوندو. سي اي او ڊريپ ويڪسينز جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بنائڻ لاءِ دوا ساز ادارن سان فوري رابطو ڪري سي اي او ڊريپ ڀارت مان درآمد ٿيندڙ دوائون جو متبادل انتظام ۽ جان بچائيندڙ دوائن جي بنا رڪاوٽ فراهميءَ کي يقيني بنائي. هن چيو ته اين آءِ ايڇ ويڪسين جي مقامي تياري جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ فوري قدم کڻي. وفاقي اسپتالن ۾ روزاني علاج ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه اچڻ ڏني وڃي. مصطفيٰ ڪمال سڀني صوبن کي درخواست ڪئي ته اهي اسپتالن ۾ هنگامي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ بيڊز جو بندوبست ڪن. هن چيو ته صحت واري قومي اداري ۾ قومي هيلٿ ايمرجنسي سينٽر قائم ڪيو ويو آهي جيڪو صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ رهندو. سمورا صوبا 7/24 ڪوئيڪ ريسپانس سينٽر سان رابطي ۾ آهن، بحران وقت معلومات جي وقت سر مٽاسٽا نهايت اهم آهي. هن وفاقي اسپتالن ۾ وڌيڪ بيڊز جي رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته اسپتال انتظاميه بلڊ بئنڪ ۾ رت کي ذخيرو ڪرڻ ۽ دوائن جي اسٽاڪ کي يقيني بنائي. بلڊ اسڪريننگ جي نظام کي مؤثر بنايو وڃي، پولي ڪلينڪ اسپتال سڙي زخمي ٿيل مريضن جي علاج لاءِ خاص انتظام ڪري. صحت واري وفاقي وزير سڄي ملڪ ۾ برن سينٽرز جي گنجائش وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته فوج جي طبي ضرورتن کي ترجيحي بنيادن تي پورو ڪيو ويندو. صحت واري وزارت بگڙجندڙ صورتحال جي ڪڙي نگراني ڪري رهي آهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ عوام کي صحت جي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ سمورن قدمن کي يقيني بنايو پيو وڃي.