لاهور-08 مئي (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف لاهور سميت ملڪ جي ٻين هنڌن تي ڀارتي ڊرون حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هن 12 هنڌن تي ڀارتي ڊرون وقت سر ڪيرائڻ تي پاڪ فوج کي خراجِ تحسين ۽ انتظاميه پوليس، ريسڪيو سروسز ۽ پاڪ فضائيه جي بروقت ريسپانس کي ساراهيو. مريم نواز هدايت ڪئي ته پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڊرون حملن دوران زخمي شهرين ۽ آفيسرن جي بهترين علاج ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وڃي ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ انتظامي آفيسرن کي زخمين جي علاج جي مانيٽرنگ ڪئي وڃي. هن چيو ته ننڍن ٻارن سميت بي گناهه شهرين کي شهيد ڪري ڀارت اُگهاڙي جارحيت جو ذميوار بڻيو آهي. ڀارت کي بي گناهه شهرين تي حملي جو نتيجو ڀوڳڻو پوندو ۽ هڪ هڪ ڦڙي جو حساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو، پوري قوم پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ سپاهين کي سلام پيش ڪري ٿي جن پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي سلامتيءَ خاطر دشمن کي رڪ جا چڻا چٻاڙڻ تي مجبور ڪيو. هن چيو ته دنيا ۾ ڀارتي پائليٽ نااهلي ۽ ناڪاريءَ جي علامت بڻجي چڪا آهن. ڀارت جو غرور ۽ رافيل جهاز زمين تي ڪِري ڍير ٿي پيا آهن. ڀارت پاڻي ذخيرن تي حملا ڪري عالمي قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي. وزيراعليٰ مريم نواز لاهور، گجرانوالا، چڪوال، راولپنڊي، اٽڪ، بهاولپور ۽ ٻين شهرن ۾ پوليس انتظاميه ۽ ٻين ادارن کي هر وقت الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي. هن ڊرون حملن ۾ زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا پڻ ڪئي.