اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسپين جي پرڏيهي معاملن واري وزير جوزي مينوئل الباريس سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم پنهنجي هسپانوي هم منصب کي ڀارت جي اشتعال انگيز ۽ غيرقانوني جارحيت سبب پيدا ٿيندڙ سنگين علائقائي صورتحال کان آگاهه ڪيو جيڪا پاڪستان جي خودمختياري جي کليل ۽ عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهي. هن معصوم شهرين جي جانين جي افسوسناڪ نقصان ۽ علائقائي امن ۽ اسٽريٽجڪ استحڪام تي ان واقعي جي هاڃيڪار جو ذڪر ڪيو. هن سلامتي جي بدلجندڙ ماحول جو جائزو وٺڻ جي لاءِ پاڪستان جي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جي اهم مباحثي کان پڻ کيس آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير الباريس شهرين جي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسپين جي حڪومت صورتحال کي انتهائي سنجيدگي سان مانيٽر ڪري رهي آهي. هن بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، تحمل ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير الباريس عالمي تعاون جي جذبي ۾ اسپين پاران لاڳاپيل گهڻ رخي فورمز جي ذريعي امڪاني مشغوليت ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي.