اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ غيرقانوني اميگريشن روڪڻ ۽ پاڪستاني ورڪ فورس کي روزگار جي فراهمي جي حوالي سان مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ اٽلي جي گهرو وزير ميٽيو پينٽي ڊوسي ايوان صدر ۾ يادداشتن تي صحيحون ڪيون. صدر آصف علي زرداري، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري پڻ ان موقعي تي موجود هئا. اوورسيز پاڪستانيز ۽ انساني ترقي ۽ وسيلن واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب يادداشتن تحت غيرقانوني اميگريشن ۽ انساني اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ اٽلي گڏيل قدم کڻنداسين، پاڪستاني ورڪرز جي اٽلي ۾ حقن جي تحفظ جي حوالي سان جامع فريم ورڪ ٺاهيو ويندو، پاڪستاني هنرمندن جي سکيا، ڀرتي جي لاءِ ليبر موبليٽي ڪوريڊورز قائم ڪيو ويندو، پاڪستانين کي اٽلي ۾ روزگار جي لاءِ ووڪيشنل ۽ لينگئيج ٽريننگ جي لاءِ پائليٽ موبليٽي پروگرامز شروع ڪيا ويندا، ٻاهرئين ملڪ روزگار جي عمل کي اسٽريم لائين ڪرڻ جي لاءِ مائيگرنٽ ريسورس سينٽرز قائم ڪيا ويندا. ان موقعي تي ڳالهائيندي اوورسيز پاڪستانيز واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ته اٽلي پهريون يورپي ملڪ آهي جيڪو پاڪستاني ورڪ فورس وٺڻ جي لاءِ سڌوسنئون ايم او يو ڪري رهيو آهي، يادداشتن سان پاڪستانين جي لاءِ ٻين يورپي ملڪن ۾ پڻ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا، 9 سالن جي محنت کانپوءِ اٽلي سان پاڪستاني ورڪ فورس جي فراهمي جي حوالي سان ايم او يو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ايم او يو تحت اٽلي ۾ پاڪستانين جي لاءِ نوڪرين ۾ ساليانو ڪوٽا رکي ويندي، اٽلي ۾ روزگار جي خواهشمند پاڪستانين جي لاءِ اميگريشن جو عمل آسان ۽ تيز رفتار بڻايو ويندو، پاڪستناين کي جديد فني تعليم جي فراهمي جي لاءِ اٽلي ۽ پاڪستان جي لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ حصيداري کي فروغ ڏنو ويندو، غيرقانوني اميگريشن روڪڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙيوويندو. پاڪستان ڪنسٽرڪشن، زراعت، هاسپيٽلٽي، هيلٿ ڪيئر ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ هنرمند ۽ نيم هنرمند ورڪ فورس اٽلي کي فراهم ڪئي ويندي.