مسقط -07 مئي (اي پي پي) سلطنت اومان اعلان ڪيو آهي، ته سندس ٽياڪڙي تحت آمريڪا ۽ يمن جي حوثين وچ ۾ جنگ بندي تي اتفاق ٿي ويو آهي. ان اهم اڳڀرائي جو مقصد خطي ۾ ڇڪتاڻ جو خاتمو ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾ سامونڊي واپاري رستن جو تحفظ آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب اها ڳالهه اومان جي پرڏيهي وزير بدر البوسعيدي هڪ بيان ۾ چئي آهي. هن واضح ڪيو ته هاڻوڪن ڏينهن ۾ مسقط واشنگٽن ۽ صنعا جي حوثي قيادت سان وسيع ڳالهيون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڌريون جنگ بندي تي راضي ٿيون. سندس چوڻ هو ته مستقبل ۾ نه ته آمريڪي فوج حوثين کي نشانو بڻائيندي ۽ نه ئي حوثي ڳاڙهي سمنڊ يا باب المندب ۾ آمريڪي جهازن کي نشانو بڻائيندا. هن ٻنهي ڌرين جي هاڪاري ۽ تعميري رويي جي تعريف ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته اهو معاهدو خطي ۾ پائيدار امن، انصاف ۽ خوشحالي جو بنياد رکندو. هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان تامي بروس هڪ پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته حوثين آمريڪا کي باضابطا طور تي آگاهه ڪيو آهي، ته اهي جنگ روڪڻ چاهين ٿا. هنن جهازن تي حملا بند ڪرڻ جو پڻ عهد ڪيو آهي. بروس موجب حوثين پاران هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان پوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هوائي ڪارروائيون روڪڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.