گڏيل قومون _ 7 مئي (اي پي پي ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير عاصم افتخار احمد نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي هدايت تي عمل ڪندي عالمي اداري جي اعلى اڳواڻن سان رابطو ڪيو ۽ کين پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف حصن ۾ ڀارت جي ڪيترن ئي ميزائل حملن سبب ملڪ جي خودمختياري ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي بابت آگاهه ڪيو. پاڪستاني مشن جي پريس ريليز مطابق سفير عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي صدرن سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش کي ڀارت جي جارحيت کان آگاهه ڪيو، جنهن سان عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرو آهي . پريس رليز ۾ چيو ويو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 ۾ داخل پنهنجي دفاع جي حق مطابق پنهنجي پسند جي وقت ۽ جڳهه تي ان جارحيت جو مناسب جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. ان کان اڳ سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش لائن آف ڪنٽرول ۽ پاڪستان سان گڏ عالمي سرحد تي ڀارتي فوجي ڪارروائين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن کي تحمل جي اپيل ڪئي آهي.