نئين دهلي _7 مئي (اي پي پي ) ڀارتي ايئر لائنز مختلف شهرن کان پنهنجون اڏامون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن . جڏهن ته سرينگر سميت ٻين ڪجهه هوائي اڏن کي بند ڪري ڇڏيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ايئر انڊيا چيو آهي ته موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ان جون ڄمون، سرينگر، ليهه، جوده پور، امرتسر ، ڀوج ، ڄام نگر ، چندي ڳڙهه ۽ راجڪوٽ ويندڙ سموريون اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن . ان کان علاوه والاريل ڄمون ڪشمير جي انتظاميه اڄ سمورا تعليمي ادارا بند ڪري ڇڏيا آهن . ڊويزنل ڪمشنر ڪشمير وجئه ڪمار بڌوري هڪ بيان ۾ چيو ته بارهمولا ، ڪپواڙه ۽ گريز ۾ اسڪول ۽ ڪاليج اڄ لاءِ بند رهندا.