اسلام آباد -07 مئي (اي پي پي) ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان نائب
وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي ٽيليفون ڪيو ۽ پاڪستان جي
خودمختياري جي خلاف ورزي ۽ بيگناهه شهرين جي شهادت خلاف ڀارتي
جارحيت تي ترڪيه پاران پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. پرڏيهي
کاتي پاران جاري ڪيل بيان موجب هن علائقائي سلامتي جي خراب ٿيندڙ
صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن خطي جي صورتحال جي
حوالي سان ويجهن رابطن ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.