اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪراچي – چمن رستي جي اپ گريڊيشن بلوچستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ انتهائي ضروري آهي، بلوچستان جي ترقي کي ترجيح ڏيندي گذريل مهيني پيٽروليم مصنوعات ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي منتقل ڪرڻ بدران ان بچت کي ڪراچي – چمن رستي جي اپ گريڊيشن تي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سمورن صوبن ان فيصلي ۾ تعاون ڪيو جيڪو وفاق جي اتحاد جي نشاندهي آهي، ڪراچي کان چمن رستي جي تعمير سان 18 ڪلاڪن جو سفر 6 کان 8 ڪلاڪن تائين محدود ٿي ويندو، وزيراعظم هدايت ڪئي ته رستي جي تعمير جي معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو وڃي، منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪراچي – چمن قومي شاهراهه (اين – 25) جي تعمير ۽ اپ گريڊيشن تي اهم جائزه اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 790 ڪلوميٽر ڊگهي ڪراچي – چمن رستي کي بهترين معيار جي ايڪسپريس وي ۾ بدلايو ويندو. چمن رستي جي اپ گريڊيشن بلوچستان صوبي جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ انتهائي ضروري آهي ۽ بلوچستان جي ترقي کي ترجيح بڻائيندي گذريل مهيني پيٽروليم مصنوعات ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي منتقل ڪرڻ بدران ان بچت کي ڪراچي – چمن رستي جي اپ گريڊيشن تي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پاڪستان جي سمورن صوبن ان فيصلي ۾ تعاون ڪيو جيڪو وفاق جي اتحاد جي علامت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي کان چمن سفر اڄڪلهه 18 ڪلاڪن ۾ طئي ٿئي ٿو، ايڪسپريس وي جي تعمير کانپوءِ 6 کان 8 ڪلاڪن تائين محدود ٿي ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڪراچي – چمن ايڪسپريس وي سان نه رڳو مسافر فائدو کڻندا پر ٽرانسپورٽ ۽ واپار تي پڻ مثبت اثر پوندا، منصوبي جي معيار تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو ۽ ان حوالي سان ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايڪسپريس وي کي 2 سالن جي مدي ۾ هر حال ۾ مڪمل ڪيو وڃي. هن بلوچستان جي وڏي وزير کي ايڪسپريس وي جي لاءِ زمين جي دستيابي يقيني بڻائڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن سان تعاون جي پڻ هدايت ڪئي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته عوام جي سهولت لاءِ ايڪسپريس وي تي ايندڙ سمورن وڏن شهرن تي باءِ پاسز تعمير ڪيا وڃن. وزيراعظم منصوبي جي تعمير دوران ماحولياتي عنصر کي نظر ۾ رکڻ ۽ منصوبي جي تعمير کانپوءِ ٿارڊ پارٽي ويليڊيشن جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس دوران بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي بلوچستان صوبي جي تعمير ۽ ترقي خاص طور تي ڪراچي – چمن رستي جي تعمير ۽ اپ گريڊيشن ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. اجلاس کي منصوبي جي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته 790 ڪلوميٽر ڊگهي ڪراچي – چمن رستي کي ايڪسپريس وي جي طور تي تعمير ڪيو ويندو جيڪو 4 لينز تي ٻڌل ٻن ڦاڪن وارو رستو هوندو، رستي تي فنڊنگ جي کوٽ جي ڪري ڪم تعطل جو شڪار هو جڏهن ته حڪومت جي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو بلوچستان طرف منتقل ڪرڻ جي فيصلي جي فنڊنگ جا مسئلا حل ٿي ويا آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته منصوبي جي خضدار– مستونگ سيڪشن تي ڪم جي شروعات ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪراچي کان خضدار جي پنج سيڪشنز جي تعمير جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.