اسلام آباد-05 مئي (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ فن لينڊ لاءِ پاڪستان جي اعزازي قونصلر جنرل ولي ايرولا ۽ ورٽسيلا جي مڊل ايسٽ جي ريجنل ڊائريڪٽر اليگزينڊر ايڪرمين سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ توانائيءَ جي شعبي ۾ امڪاني تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ فن لينڊ وچ ۾ تيل، گيس، معدنيات ۽ تجديد جوڳي توانائي جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌائڻ تي توجهه ڏني وئي. ڳالهين ۾ بائيو ماس جي شعبي ۾ فنش مهارت ۽ تحقيق جي موقعن، جهمپير ۾ ونڊ فارمز کي سپليمينٽ ڪرڻ لاءِ سيٽن جي منتقليءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير پاڪستان جي توانائيءَ جي شعبي کي جديد بنائڻ جي عزم کي اجاگر ڪيو ۽ توانائي جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ ۽ ماحولياتي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ورٽسيلا جي جديد ٽيڪنالاجي حل کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو. هن پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ ڊگهي مُدي وارن حصيدارين کي هٿي ڏيڻ جي حڪومتي ڪوششن تي روشني وڌي. ايرولا ۽ اينڪر مين پاڪستان سان تعاون کي گهرو ڪرڻ لاءِ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان کي هڪ اهم سيڙپڪاري واري مقام طور ساراهيو. قونصل جنرل چيو ته پاڪستان کي عالمي سيڙپڪارن جي ان طرح جي توجهه حاصل هئڻ سٺو سنوڻ آهي. ورٽسيلا جيڪو هڪ فنش ڪمپني آهي ۽ توانائي جي شعبي ۾ سمارٽ ٽيڪنالاجيز جو عالمي اڳواڻ آهي. پاڪستان ۾ بجلي جي منصوبن کان علاوه ريڪوڊڪ منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي بائيو ماس جا موقعا تلاش ڪرڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ مسلسل تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي گڏيل اتفاق ٿيو جيڪو پائيدار توانائي جي ترقي جي گڏيل ويزن کي اجاگر ڪري ٿو.