اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته انڪم ٽيڪس آرڊيننس ۽ فيڊرل ايڪسائيز ايڪٽ جي مختلف شقن ۾ ترميمن تحت ڪاروباري شخصيتن ۽ ڪمپنين کي ايف بي آر آفيسرن پاران بنا ڪنهن سبب جي هراسان ڪرڻ جي روڪٿام ۽ ٽيڪس ادائيگي جي نظام کي وڌيڪ آسان بڻايو ويو آهي، ٽيڪس نيٽ وڌڻ ۽ سرڪاري آمدني ۾ اضافي جي لاءِ جاري سڌارن سان عام ماڻهو تي ٽيڪس جو بار گهٽ ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر جي معاملن تي اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته انڪم ٽيڪس آرڊيننس ۽ فيڊرل ايڪسائيز ايڪٽ جي مختلف شقن ۾ ترميمن جو مقصد ٽيڪس جي وصولي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي خت ڪرڻ آهي، نيون ترميمون باقاعدگي سان ٽيڪس ڏيندڙ ماڻهن ۽ ڪمپنين جي حقن تي اثرانداز نه ٿينديون. وزيراعظم چيو ته نئين ترميمن تحت ڪاروباري شخصيتن ۽ ڪمپنين کي ايف بي آر آفيسرن پاران بنا ڪنهن سبب جي هراسان ڪرڻ جي روڪٿام ۽ ٽيڪس ادائيگي جي نظام کي وڌيڪ آسان بڻايو ويو آهي، ٽيڪس نيٽ وڌڻ ۽ سرڪاري آمدني ۾ اضافي جي لاءِ جاري سڌارن سان عام ماڻهو تي ٽيڪس جو بار گهٽ ٿيندو. وزيراعظم سمورن شعبن ۾ ٽيڪس چوري، انڊر انوائسنگ ۽ ٻين بي ضابطگين جي خلاف ترجيحي بنيادن تي قدم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته غيرقانوني طور تي تيار ٿيل سگريٽ ۽ ٻين شين جي خريد ۽ وڪرو ڪندڙن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي مختلف شعبن ۾ ٽيڪس چوري جي خلاف کنيل قدمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو، ايف بي آر ۾ ڊيجيٽل مانيٽرنگ، ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ۽ ٻين سڌارن تي ڪم جاري آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته تماڪ، سيمنٽ، پولٽري، شگر ۽ ٻين صنعتن ۾ ٽيڪس چوري جي خلاف قدم کنيا پيا وڃن، ايف بي آر وڊيو مانيٽرنگ جي ذريعي ڪيترين ئي صنعتن ۾ بي ضابطگين جي سڃاڻپ ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته غيرقانوني تماڪو مصنوعات کي ضبط ڪرڻ جا اختيار صوبن کي پڻ ڏنا ويا آهن، پولٽري جي صنعت ۾ به ايف بي آر جو مانيٽرنگ جو نظام قائم ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اعظم نذير تارڙ، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.