راولپنڊي -05 مئي (اي پي پي) پاڪستان جاري مشق ”ايڪس انڊس“ تحت گذريل ڏينهن ”فتح“ سيريز جو زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ ميزائيل جو تربيتي تجربو ڪامياب بڻايو آهي، ميزائيل جي رينج 120 ڪلوميٽر آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان موجب ان تجربي جو مقصد فوجي جٿن جي عملي تياري کي يقيني بڻائڻ ۽ ميزائيل جي جديد نيويگيشن سسٽم ۽ بهتر درستگي سميت اهم فني رخن جي تصديق ڪرڻ هو. تربيتي تجربي جو پاڪستان آرمي جي سينئر آفيسرن ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ادارن جي آفيسرن، سائسندانن ۽ انجنيئرن مشاهدو ڪيو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف حصو وٺندڙ فوجي جوانن، سائنسدانن ۽ انجنيئرز کي مبارڪون ڏنيون. هنن پاڪستان جي علائقائي سلامتي خلاف ڪنهن به جارحيت کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پاڪستان آرمي جي عملي تياري ۽ فني مهارت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. اي