دبئي-05 مئي(اي پي پي)گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزير اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي شهرين تي لبنان جو سفر ڪرڻ لاڳو ڪيل پابندي 7 مئي 2025ع کان ختم ڪري ڇڏيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ رپورٽ ۾ اهو اعلان لبنان جي صدر جي گذريل هفتي امارات جي دوري کانپوءِ ڪيو ويو آهي. اهو فيصلو جاري ڪيل هڪ گڏيل بيان بعد سامهون آيو آهي جنهن ۾ لبنان جي صدر جوزف عون ۽ امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفر کي آسان بڻائڻ ۽ چر پر کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدمن تي اتفاق ڪيو . گڏيل عرب امارات 2021ع ۾ پنهنجي شهرين تي لبنان جو سفر ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي هئي. جڏهن ته لبنان جي شهرين تي امارات اچڻ تي ڪا به پابندي نه هئي. لبنان جي وزيراعظم نواف سلام چيو آهي ته اهو فيصلو بيروت ۽ ابوظهبي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جو مظهر آهي. سندس چوڻ هيو ته فيصلي تي امارات ۽ ان جي صدر جو دل سان شڪريو ادا ڪيون ٿا. نواف سلام وڌيڪ چيو ته لبنان ۽ اتان جو عوام پنهنجي اماراتي ڀائرن ۽ نار و عرب دنيا جي ٻين مهمانن کي خوش آمديد چوڻ لاءِ پر جوش آهي.