اسلام آباد -05 مئي (اي پي پي)پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مڊ وائيوز (دائين ) جو عالمي ڏينهن گذريل ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد نون ڄاول ٻارن ۽ سندن مائرن جي صحت جي بهتري ۾ دائين جي ڪردار جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ آهي. سڀ کان پهرين 7 مئي 1991ع تي اهو ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو تصور 1987ع ۾ هالينڊ ۾ ٿيل عالمي مڊوائيز ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو ويو هو. ان خيال جي پٺيان دائين جي خدمتن کي ساراهڻ ۽ کين خراج تحسين پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ سندن زندگين ۾ هاڪاري تبديليون آڻڻ هو. سڄي دنيا ۾ هر سال اٽڪل 2 لک 87 هزار عورتون حمل دوران ۽ ٻار ڄمڻ بعد مونجهارن سبب حياتيون وڃائي ويهن ٿيون. صحت جي عالمي اداري جي هڪ رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ هر سال 29 لک تازا ڄاول ٻار پيدائش کان پوءِ شروعاتي 3 مهينن دوران فوت ٿي وڃن ٿا.مڊ وائيوز جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن، طبي حلقن، سماجي تنظيمن جي انتظامن هيٺ مختلف پروگرامز منعقد ڪيا ويا ۽ مڊ وائيوز جي اهم معاشرتي ۽ طبي ڪردار ۽ انهن جي مسئلن جي حوالي سان عام ماڻهن کي آگاهي فراهم ڪئي وئي.