لاهور-04 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر جي صدارت هيٺ سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائزز ڊولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو 30 هون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سميڊا ۾ سڌارا لاڳو ڪرڻ جي منصوبي جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ بورڊ ميمبرن کانسواءِ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي سيڪريٽري سيف انجم ۽ سميڊا جي سي اي او سقراط امان راڻا به موجود هئا. هارون اختر ايس ايم ايز ڊولپمينٽ تي وزيراعظم جي ويزن جو حوالو ڏنو ۽ سميڊا جي تيز رفتار ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي معيشت جو مستقبل ايس ايم ايز جي ترقي سان لاڳاپيل آهي ۽ وزيراعظم ايس ايم ايز کي عالمي معيار جي برابر ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، جنهن لاءِ عالمي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ياد رهي ته وزيراعظم سميڊا جي موجوده ڍانچي جو مطالعو ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي هئي ۽ اداري جي اصلاح ۽ ان سان ملڪ ۾ ايس ايم ايز سيڪٽر جي ترقي لاءِ هڪ فعال تنظيم بڻائڻ لاءِ تبديليون تجويز ڪيون هيون. وزيراعظم جي هدايتن موجب سميڊا جي موجوده ورڪنگ اسٽرڪچر کي آئوٽ سورسنگ ذريعي هٿي ڏيڻ جو منصوبو پيش ڪيو ويو جنهن کي بورڊ منظور ڪري ورتو.