اسلام آباد-04 مئي (اي پي پي) آبي سلامتي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي بابت اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي موضوع تي نائين عالمي آبي ڪانفرنس سڀاڻي 6 کان 7 مئي تي او آءِ سي ڪامسٽيڪ سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي. ٻن ڏينهن واري عالمي ايونٽ ۾ پاڻي جي انتظام ۽ پائيداري بابت اهم مسئلن جي حل لاءِ سڄي دنيا مان محقق، پريڪٽيشنرز، تعليمي ماهر ۽ پاليسي ساز شرڪت ڪندا. رفاه انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ پاليسي، پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر ريسورسز، واٽر ايڊ ۽ يونيورسٽي آف هري پور جي سهڪار سان ڪامسٽيڪ جي انتظام هيٺ رٿيل ڪانفرنس، ڪانفرنس علم جي مٽاسٽا ۽ گڏيل ڳالهين لاءِ هڪ متحرڪ پليٽ فارم فراهم ڪندي. ان موقعي تي ذيلي موضوعن تحت 80 کان وڌيڪ علمي مقالا پيش ڪيا ويندا جن ۾ ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي، خوراڪ ۽ زراعت، گليشيا لوجي ۽ اسنو هائيڊرو لوجي، WASH (پاڻي، صفائي ۽ حفاظت صحت)، سرڪلر واٽر اڪانومي، پاليسي ۽ گورننس ۽ پاڻي جي تحفظ بابت مصنوعي ذهانت شامل آهن.