اسلام آباد -04 مئي (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ فائر فائٽرز جو عالمي ڏينهن 04 مئي تي ملهايو ويو. هر سال سڄي دنيا ۾ اهو ڏينهن انهن فائر فائٽرز کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي جيڪي پنهنجون جانيون عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪندي نڇاور ڪندا آهن. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد فائر فائٽرز جي مسئلن ۽ انهن جي حل سميت فائر فائيٽنگ جي شعبي جي اهميت جي حوالي سان عام ماڻهن کي آگاهي فراهم ڪرڻ آهي. ان مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ مختلف ادارن جي انتظام هيٺ پروگرامز، ڪانفرنسز ۽ سيمينارز منعقد ڪيا ويا.