اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڀارت کي چئلينج ڪيو آهي ته جيڪڏهن ان وٽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ حملي ۾ پاڪستان جي مبينا ملوث هجڻ جا ثبوت آهن ته پيش ڪري. هو قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا. نائب وزيراعظم چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ سياسي ۽ عسڪري قيادت اهم فيصلا ڪيا آهن. هن چيو ته ڀارتي الزام ۽ فيصلا غيرذميواراڻا آهن، ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جو هڪطرفو قدم ڪنهن به طور تي قبول نه آهي، ڀارت ائين نه ٿو ڪري سگهي ڇو ته عالمي بئنڪ ان معاهدي ۾ ثالث آهي ۽ معاهدي کي هڪطرفي طور تي معطل ڪرڻ جي ڪا به شق ۾ شامل نه آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته ان معاهدي تي ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ وجهڻ، پاڻي کي موڙڻ يا پاڻي بند ڪرڻ جي عمل کي قومي سلامتي ڪميٽي جي پڌرائي ۾ جنگ جا قدم قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت ڪجهه اهڙو ڪري ٿو جيڪي به ضروري قدم کڻڻا پوندا پاڪستان کڻندو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ڀارتي حڪومت جو رويو غيرذميواراڻو آهي، ڀارت بنا ثبوتن جي الزام بازي ڪري رهيو آهي. نائب وزيراعظم خبردار ڪيو ته پاڪستان جي جائز حصي جي پاڻي کي روڪڻ يا موڙڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو پوري قوت سان جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي کي التوا ۾ رکڻ جي ڀارتي اعلان کي سختي سان رد ڪندي ان کي جنگ جي برابر قرار ڏنو آهي. هن چيو ته 1960ع ۾ عالمي بئنڪ جي ثالثي ۾ طئي ٿيندڙ سنڌ پاڻي معاهدي کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پرامن تعاون جو هڪ نادر مثال سمجهيو وڃي ٿو. محمد اسحاق ڊار زور ڏئي چيو ته معاهدي ۾ هڪطرفي معطلي جي اجازت ڏيندڙ ڪا به شق نه آهي، هن ڀارت جي ان قدم کي عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي قرار ڏنو. نائب وزيراعظم پاڪستان جي جوابي قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته اٽاري واهگه بارڊر کي فوري طور تي بند ڪيو ويو آهي ۽ سموري سرحد پار اچ وڃ معطل ڪئي وئي آهي ۽ 30 اپريل تائين صحيح توثيق رکندڙ ماڻهو واپس وڃي سگهن ٿا. هن چيو ته سارڪ ويزا ڇوٽ اسڪيم تحت ڀارتي شهرين کي جاري ڪيل سمورا ويزا ملتوي ڪيا ويا آهن، سواءِ سک مذهبي ياترين جي جيڪي عارضي طور تي پاڪستان ۾ رهي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان اسلام آباد ۾ مقرر ڀارتي دفاعي، سامونڊي ۽ فضائي صلاحڪارن کي ناپسنديده قرار ڏنو آهي، انهن کي 30 اپريل تائين ملڪ ڇڏڻو پوندو. اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جو انگ 30 سفارتڪارن ۽ عملي تائين گهٽ ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجون فضائي حدون ڀارت جي ملڪيت يا ڀارت مان هلندڙ سمورين ايئرلائينز جي لاءِ بند ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته ڀارت سان سمورو واپار بشمول پاڪستان جي ذريعي ٽئين ملڪ جي ٽرانزٽ معطل ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڀارت جي جارحاڻي پاليسين کي جواز فراهم ڪرڻ جي لاءِ بي بنياد الزام بازي جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. هن چيو ته پاڪستان وٽ ڀارتي ڳجهي ايجنسين جي مدد سان غيرملڪين جي والاريل ڪشمير ۾ داخل ٿيڻ جا معتبر ثبوت موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ڀارت جي پريس بريفنگ کان اڳ ڦلگام واقعي تي هڪ بيان جاري ڪيو هو جنهن ۾ حملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو هو. محمد اسحاق ڊار خبردار ڪيو ته هڪطرفا ڀارتي قدم پاڪستان کي تاريخي شمله معاهدي سميت ٻين ٻطرفي معاهدن کي معطل ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهن ٿا. هن پاڪستان جي وڌندڙ عالمي سفارتي ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان کي 182 ووٽن جي اڪثريت سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ 26 – 2025ع جي مدي لاءِ غيرمستقل ميمبر چونڊيو ويو. هن چيو ته پاڪستان جولاءِ 2025ع ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت سنڀاليندو ۽ هو ان پليٽ فارم کي علائقائي امن ۽ انصاف جي وڪالت جي لاءِ استعمال ڪندو. هن چيو ته پاڪستان دوست ملڪن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن کي صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي ۽ هن علائقائي سلامتي ۽ دهشتگردي بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد جي مسودي ۾ ٻه ترميمون تجويز ڪيون آهن. نائب وزيراعظم گهڻ رخي، سفارتڪاري ۽ عالمي قانون تي پاڪستان جي يقين تي زور ڏيندي چيو ته حڪومت عوام ۽ عالمي حصيدارن کي مستقبل جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي رهندي. نائب وزيراعظم چيو ته ڀارت بار بار الزام بازي ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ڦلگام ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جا ثبوت آهن ته ڀارت ان کي اسان سان ۽ دنيا سان شيئر ڪري. سينيٽر محمد اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ڀارتي اعلانن جو جواب ڏنو آهي.