اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پوپ فرانسس جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي آنجهاني پوپ جي بين المذاهب هم آهنگي، همدرديءَ ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي عزم کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پوپ فرانسس جي لاڏاڻي تي پاڪستان حڪومت ۽ عوام پاران ويٽي ڪن ۽ پوري ڪيٿولڪ ڪميونٽي سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پوپ فرانسس کي سڄي دنيا ۾ امن، سماجي انصاف، بين المذاهب مڪالمي ۽ ڪمزور طبقن جي ڀلائي جي ڪوششن جي لاءِ ياد رکيو ويندو. صدر چيو ته پوپ فرانسس امن ۽ انصاف جو هڪ مضبوط آواز هو، پوپ فرانسس مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ ڪميونٽيز کي ڳنڍڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون. صدر آصف علي زرداري چيو ته گڏيل افهام تفهيم جي فروغ جي لاءِ پوپ فرانسس جي ڪوششن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پوپ فرانسس جو لاڏاڻو نه رڳو مسيحين پر مذهبن جي وچ ۾ امن ۽ مڪالمي جي قدر ڪندڙن جي لاءِ هڪ عظيم نقصان آهي.