غزه سٽي-18 اپريل (اي پي پي)غزه جي ڏاکڻي شهر خان يونس ويجهو رات جو دير سان اسرائيل پجي ڪيل حملن جي نتيجي ۾ 10 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب غزه جي شهري دفاع واري ايجنسي جي ترجمان محمود بسال جمعي ڏينهن ٽيلي گرام تي ٻڌايو ته اسرائيل جي قابض فوج جي حملي ۾ خان يونس جي اوڀر واري علائقي بني سهيلا جي براڪا ڪٽنب جي گهرن ۽ پاڙيسرين کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 10 فلسطيني شهيد ۽ وڏي تعداد ۾ زخمي ٿيا. واضع رهي ته اسرائيلي فوج 18 مارچ تي قبضي هيٺ فلسطيني علائقي ۾ ٻيهر ڪارروائي شروع ڪرڻ کان پوءِ هوائي بمباري تيز ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته غزه پٽي ۾ پڻ پنهنجي زميني ڪاررواين کي وڌائي ڇڏيو آهي.