رام الله _ 18 (اي پي پي ) غزه ۾ انساني بنيادن تي امدادي سرگرميون روڪيون ويون آهن، ان سلسلي ۾ دنيا جي 12 امدادي تنظيمن خبردار ڪيو آهي ته 2 مارچ کان غزه ۾ خوراڪ ، دوائن ۽ ٻارڻ سميت هر شيءِ جي مڪل ناڪه بندي ڪرڻ بعد غزه هڪ ٻئي انساني الميي آڏو پهتل آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق مشڪل ترين حالتن ۾ غزه جي جنگ سٽيل بي گهر فلسطينين جي مدد ڪرڻ ۾ مصروف 12 امدادي تنظيمن اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته کين امدادي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ته جيئن غزه ۾ ڪنهن ٻئي وڏي انساني الميي کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون . ٻئي پاسي اسرائيل ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته هو غزه جي ماڻهن کي ملندڙ انساني بنيادن تي امداد کي هر صورت ۾ روڪي رکندو . اسرائيل مطابق رڳو اهڙي طريقي سان هو حماس کي دٻاءَ هيٺ آڻي سگهي ٿو ته جيئن حماس اسرائيلي قيدين کي آزادي ڏيڻ تي مجبور ٿئي ۽ اسرائيل جي رستي تان پوئتي هٽي وڃي . انساني بنيادن تي امدادي تنظيمن ۾” آڪسفيم “۽” سيو دي چلڊن “ به شامل آهن . جن ان سلسلي ۾ هڪ گڏيل بيان به جاري ڪيو آهي ته غزه ۾ ترسيل هر شهري پنهنجي حياتي بچائڻ لاءِ ان امداد تي دارومدار ڪري ٿو ۽ اها امداد نه ملڻ جي صورت ۾ غزه واسين جو حياتيون خطري ۾ آهن. بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جڏهن کان اسرائيل غزه جي امداد وارو رستو روڪيو آهي تنهن ڏينهن کان فلسطيني بدترين صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. فلسطيني ۽ عالمي سطح تي ڪم ڪندڙ 43 تنظيمن اتي 18 مارچ کان ٻيهر شروع ٿيل اسرائيلي جنگ بعد کان پنهنجي سمورين خدمتن کي مجبورن بند ڪري ڇڏيو آهي. ڄاڻايل اين جي اوز مطابق غزه ۾ چرپرڪرڻ ۽ ماڻهن تائين پهچڻ انتهائي خطرناڪ عمل آهي.