ماسڪو-17 اپريل (اي پي پي)روس جي مٿين ايوان ايران سان شراڪت داري معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پارليامينٽ جي مٿين ايوان فيڊريشن ڪائونسل ايران سان فوجي اهميت جي شراڪت داري جي معاهدي جي توثيق ڪئي آهي. صدر ولاديمير پيوٽن جنوري ۾ پنهنجي ايران جي هم منصب مسعود پيز شڪيان سان 20 سالن جي اسٽريٽجڪ شراڪت داري جي معاهدي تي صحيحيون ڪيون هيون . مٿين ايوان جي توثيق جو مطلب آهي ته معاهدو هاڻي کان عمل جوڳو آهي.