اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جو سيڪريٽري جنرل نورلان يرميڪ بائيف 17 ۽ 18 اپريل تي پاڪستان جو دورو ڪندو، هو بيجنگ ۾ ايس سي او سيڪريٽريٽ جي عملدارن تي ٻڌل وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ايس سي او جو سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۾ پنهنجي قيام دوران نائب وزيراعظم، واپار واري وزير ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سان ملاقات ڪندو. هو نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو دورو ڪندو. هو انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام اباد (آءِ ايس ايس آءِ) ۾ پڻ خطاب ڪندو ۽ ڪاروباري اڳواڻن، ڪاروباري شخصيتن ۽ ميڊيا پرسنز سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. شنگهائي تعاون تنظيم هڪ 10 رڪني بين الحڪومتي علائقائي تنظيم آهي. اها دنيا جي سڀ کان وڏي علائقائي گهڻ رخي تنظيم آهي. شنگهائي تعاون تنظيم خطي جي 3.4 ارب ماڻهن جو مسڪن آهي (دنيا جي آبادي جو 42 سيڪڙو تي ٻڌل) ۽ ان جي ايراضي 36 ملين مربع ڪلوميٽر (عالمي لينڊ ماس جو 25 سيڪڙو) آهي ۽ ان جي مجموعي جي ڊي پي 24.67 ٽريلين ڊالر جي عالمي جي ڊي پي جو 25 سيڪڙو آهي. بيان موجب ايس سي او ميمبر ملڪن سان پنهنجي گهري ۽ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل فائدي جي لاءِ سماجي ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان کي هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل جو دورو پاڪستان کي شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽريٽ سان ڳنڍڻ جو موقعو فراهم ڪندو جڏهن ته گڏيل علائقائي سلامتي ۽ اقتصادي هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ايس سي او جي طريقيڪار کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي موقف ۽ ترجيحن کي اجاگر ڪندو.