اسلام آباد -16 اپريل (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ نئين مقرر ٿيل لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس علي باقر نجفي پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. جاري پڌرائي موجب چيف جسٽس آف پاڪستان،جسٽس يحييٰ آفريديءَ گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ منعقد هڪ سادي ۽ شاندار تقريب ۾ سپريم ڪورٽ ۾ نئين مقرر ٿيل لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس علي باقر نجفي کان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جج جي عهدي جو حلف ورتو. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جا ججز، اٽارني جنرل آف پاڪستان، سينئر وڪيلن، فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي جا آفيسر، لا آفيسر ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي آفيسرن شرڪت ڪئي. رجسٽرار سپريم ڪورٽ محمد سليم خان حلف برادري جي تقريب جي ڪارروائي هلائي. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جا آفيسر ۽ عملو پڻ موجود هو.