دوحا -16 اپريل (اي پي پي) شام جي عارضي صدر احمد الشرع قطر جي امير الشيخ تميم بن حمد آل ثاني سان دوحا ۾ شاهي درٻار ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ وارن طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ميڊيا رپورٽن موجب ملاقات دوران اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي ۽ خطي ۾ سلامتي ۽ استحڪام وڌائڻ جي طريقن تي به پڻ ڳالهيون ڪيون ويون. قطر جي امير شام جي صدر جي پهرين دوري تي خوشي جو اظهار ڪندي اها اميد ظاهر ڪئي ته اهو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ان موقعي تي شام جي صدر ٻطرفن لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي مفادن جي تڪميل لاءِ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.