عمان _ 16 اپريل (اي پي پي ) اردن جي جنرل انٽيليجنس ايجنسي جي اختيارين گذريل ڏينهن ملڪ جي قومي سلامتي کي نشانو بڻائيندڙ ڪيترين ئي سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اردن جي ايٽيليجنس ايجنسي ڪارروائي ڪندي 16 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي جيڪي ملڪ ۾ افراتفري ۽ تخريب ڪاري جو منصوبو جوڙي رهيا هئا . اختيارين جو چوڻ آهي ته اردن جي ايٽيليجنس ايجنسي جي سال 2021ع کان ان گروپ جي سرگرمين تي نظر هئي . رپورٽس مطابق ناڪام بڻايل منصوبن ۾ ميزائلن جي تياري شامل هئي جن لاءِ مقامي ۽ امپورٽ وارو مواد استعمال ڪيو پيو وڃي . ان کان علاوه ، ڌماڪيدار مواد ۽ هٿيار به هٿ آيا اهن. جاچ دوران هڪ ميزائل به هٿ آيو جيڪو لڪايو ويو هو ۽ اهو استعمال لاءِ تيار هو . هٿيارن جي ذخيرن کان علاوه ، شڪي ماڻهو مبينه ڊرون تيار ڪرڻ ، ملڪ ۾ ماڻهن جي ڀرتي ۽ تربيت ڪرڻ ۽ ڪجهه ماڻهن کي پرڏيهه وڌيڪ تربيت ڏيڻ لاءِ موڪلڻ جي ڪوشش ۾ به ملوث هئا . جنرل انٽيلي جنس ايجنسي تصديق ڪئي آهي ته سمورن گرفتار ماڻهن کي قانوني ڪارروائي لاءِ اسٽيٽ سيڪيورٽي الرٽ حوالي ڪيو ويو آهي.