ممبئي -15اپريل (اي پي پي ) ڀارت ۽ چين وچ ۾ سڌي ريت مسافر اڏامن جي بحالي بابت ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿي ويو آهي .ميڊيا موجب ڀارت چيو آهي ته هيستائين ٻنهي ملڪن جي مسافرن لاءِ هوائي سروس جي بحالي جي ڪا به تاريخ طئي ناهي ڪئي .بهار ٽاور چين وچ ۾ پنج سال اڳ لائن آف ايڪچوئل ڪنٽرول ( ايل اي سي ) تي جاري چڪرين کانپوءِ لاڳاپا خراب آهن.هلندڙسال جنوري ۾ ٻنهي ملڪن پنهنجا واپاري ۽ معاشي اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هيو. ان حوالي سان ايوي ايشن جي شعبي ۾ تعطل جو خاتمو به هيو . ڀارت جي سول ايوي ايشن سيڪريٽري نيو دهلي ۾ انڊين چيمبر آف ڪامرس جي اهتمام هيٺ ڪانفرنس دوران چيو ته سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ چيني اداري وچ ۾ ملاقاتن جو هڪ دور ٿيو آهي. هن تفصيلن ۾ وڃڻ بنا چيو ته اڃان ڪجهه معاملا حل ٿيڻ باقي آهن. 2020 ۾ ڀارت ۽ چين جي فوج وچ ۾ چڪريون ٿيون هيون جن ۾ 20 ڀارتي ۽ چار چيني فوجي مارجي ويا هيا. ان کانپوءِ ڀارت چيني سيڙپڪار ڪمپنين ۽ هزارين مشهور ايپس سان گڏو گڏ مسافر اڏامن تي به پابندي لاڳو ڪئي هئي .