اسلام آباد-14 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان منرلز سمٽ جي ڪاميابيءَ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مقامي سيڙپڪار اهم منصوبن ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيا آهن، روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ اقتصادي سرگرمين ۾ تيزي آڻڻ لاءِ بئنڪنگ جو شعبو وڏي اهميت رکي ٿو. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي ترجيحي شعبن کي قرضن جي فراهميءَ بابت اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن ۽ ملڪ جي ناليوارين بئنڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس جو مقصد مالياتي شعبي کي حڪومت جي روانگي واپار تي ٻَڌل معاشي بحالي ۽ مستقبل جي ترقيءَ جي ايجنڊا سان گڏ ڪرڻ هو. ناڻي واري وزير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته بئنڪنگ جو شعبو روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ ۽ اقتصادي سرگرمين ۾ تيزي آڻڻ لاءِ نهايت اهم آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان قدم کڻي رهي آهي ته جيئن عام شعبن ۾ قابل روانگي واپار اضافي پيداواري صلاحيت پيدا ڪري سگهجي. ناڻي واري وزير سيڙپڪارن جي هاڻوڪي دلچسپيءَ جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان منرلز سمٽ جي ڪاميابي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مقامي سيڙپڪار به اهميت وارن منصوبن ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيا آهن. ان مثبت رجحان سان عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو. ناڻي واري وزير پاڪستان جي بندرگاهن ۽ سامونڊي بنيادي ڍانچي ۾ مرسڪ لائن جي 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ان اڳڀرائيءَ سان پاڪستان جي واپار ۾ علائقائي اهميت وڌيڪ اجاگر ٿي رهي آهي ۽ حقيقي معاشي مرڪز بنجي رهي آهي. وفاقي وزير ٻُڌايو ته ان سال بجيٽ سازيءَ جو عمل وقت کان اڳ شروع ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ هو پاڻ مختلف چيمبرز آف ڪامرس جو دؤرو ڪري چڪو آهي ته جيئن زميني حقيقتن تي ٻَڌل تجويزون وٺي سگهون. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جو مقصد صرف معاشي استحڪام نه پر پائيدار سيڙپڪاريءَ تي ٻَڌل روانگي واپار سان جڙيل ترقي آهي. هن تنبيهه ڪئي ته مختصر مُدي جي فائدن جي چڪر ۾ نه پوڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هي ماضيءَ ۾ پاڪستان جي معيشت لاءِ نقصان وارو ثابت ٿيو آهي. اجلاس ۾ پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن جي چيئرمين ظفر مسعود زرعي شعبي ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي شعبن لاءِ بئنڪن طرفان فراهم ڪيل سهولتن تي به تفصيلي بريفنگ ڏني. ناڻي واري وزير اجلاس جي پڄاڻيءَ تي زور ڀريو ته بئنڪنگ سيڪٽر پاليسي ساز ادارا ۽ سيڙپڪار گڏجي اهڙين پاليسين تي عملدرآمد يقيني بنائين جيڪي معيشت جي حقيقي ترقيءَ جو ذريعو بنجن. هن ننڍن آبادگارن لاءِ بنا ضمانت جي روڪ قرضن جي فراهميءَ لاءِ فن ٽيڪ ٽيڪنالاجي جهڙي ريمورٽ سينسنگ ۽ ايمبيڊڊ فنانسنگ کي ڪتب آڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو جيڪو وزيراعظم جي ويزن موجب آهي. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته حڪومت پائيدار روانگي واپار تي ٻَڌل ترقي لاءِ ڊگهي مُدي واري سيڙپڪاريءَ جي حوصله افزائي ڪندي ته جيئن پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ۽ پاڻڀرو بنائي سگهجي.