بيجنگ _ 11 اپريل (اي پي پي ) چين چيو آهي ته صدر شي جن پنگ 14 کان 18 اپريل تائين ويٽنام ۽ ڪمبوڊيا جو سرڪاري دورو ڪندو . پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزارت ٻڌايو آهي ته صدر شي جن پنگ 14 کان 18 اپريل تائين ويٽنام ، ملائيشيا ۽ ڪمبوڊيا جو سرڪاري دورو ڪندو. وزارت پنهنجي ويب سائيٽ تي ٻڌايو ته صدر شي جن پنگ ڪميونسٽ پارٽيز آف ويٽنام جي مرڪزي ڪميٽي جي جنرل سيڪريٽري جي هم منصب جي دعوت تي 14 کان 15 اپريل تائين هنوئي جو دورو ڪندو. شي جن پنگ 15 کان 18 اپريل تائين ملائيشيا جي بادشاهه سلطان ابراهيم سڪندر ۽ ڪمبوڊيا جي بادشاهه نورودوم سيهاموني جي دعوت تي ڪوالالمپور ۽ نوم پنه ويندو.