منسڪ – 11 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي وسيع موقعن کي اجاگر ڪندي ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون جي موقعن مان حقيقي معنيٰ ۾ فائدو کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن جي مٽاسٽا کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي سميت ٻنهي ملڪن جا وزير ۽ اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بيلاروس جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۽ سازگار ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم شاندار استقبال ۽ بهترين ميزباني تي بيلاروس جي قيادت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم بيلاروس جي گادي واري شهر منسڪ جي خوبصورتي کي ساراهيندي چيو ته هن شهر جي جيتري تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته بيلاروس جي صدر پاڪستاني وفد کي پنهنجي فارم هائوس تي گهرايو ۽ سندس دعوت هڪ فيملي ري يونين وانگر هئي. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ بيلاروس جي صدر لوڪاشينڪو گڏجي پاڪستان ۽ بيلاروس جي دوستي کي وڌايو ۽ صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي 2015ع جي پاڪستان جي دوري ان دوستي کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻطرفي لاڳاپن جي حوالي سان اسان جي ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمتي يادداشتن جي مٽاسٽا ٿي، مفاهمتي يادداشتن کي معاهدن ۾ بدلاڻ جي ضرورت آهي. هن صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي دانشمنداڻي قيادت کي ساراهيندي چيو ته سندس قيادت ۾ بيلاروس نمايان ترقي ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن، بيلاروس جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۽ سازگار ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي جنهن جي 65 سيڪڙو آبادي ڳوٺن ۾ رهندڙ ۽ زراعت سان واڳيل آهي، پاڪستان ۽ بيلاروس کي زرعي ۽ صنعتي شعبن ۾ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته بيلاروس جي زرعي اوزارن ۽ مشينري ۾ پڻ وڏي مهارت آهي، زرعي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ بيلاروس جي تعاون جا خواهشمند آهيون ۽ ان جي تجربن مان فائدو کڻنداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ کربين ڊالر جا معدني ذخيرا موجود آهن ان حوالي سان پڻ پاڪستان ۽ بيلاروس تعاون ۽ حصيداري ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم پاڪستان جي ڏيڍ لک هنرمند افرادي قوت جي بيلاروس ۾ کپت جي لاءِ صدر لوڪاشينڪو جي دعوت جا ٿورا مڃيندي چيو ته بيلاروس ۾ رهندڙ پاڪستاني ان جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا ۽ غيرملڪي پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ بي ٽو بي تعاون وڌايو ويندو. هن چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ پڻ پاڪستان بيلاروس کان فائدو کڻندو. هن چيو ته لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان مثبت اڳڀرائي اطمينان جوڳي آهي. ان کان اڳ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بيلاروس جي دوري جي آجيان ڪندي چيو ته بيلاروس پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جا وسيع موقعا موجود آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هن دوري سان ٻطرفي لاڳاپن کي نئين سگهه ملندي. هن پاڪستان، بيلاروس بزنس فورم منعقد ڪرڻ کي واپار جي فروغ جي لاءِ تمام گهڻو اهم قرار ڏيندي چيو ته ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون جي موقعن مان حقيقي معنيٰ ۾ فائدو کڻڻو آهي.