اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي ويزن تحت ڊجيٽل ترقي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته ڊجيٽل ٽرانسفارميشن ۾ جاپان جي تجربن مان فائدو حاصل ڪيو ويندو. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار جاپان جي سفير اڪاماتسو شويتسي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفاقي وزير، وزيراعظم جي ويزن تحت ڊجيٽل ترقي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل معيشت ۾ سهڪار تي اتفاق ۽ انساني وسيلن جي ترقي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستاني نوجوانن لاءِ تعليم، تربيت ۽ روزگار جي موقعن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ پاڪستان ۾ هنرمند افرادي قوت جي تياري لاءِ گڏيل قدمن تي زور ڀريو ويو. ڌرين تعليم، تحقيق ۽ جديد هنر کي هٿي ڏيڻ لاءِ تعاون تي اتفاق ڪندي آءِ سي ٽي، مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل گورننس ۾ تربيتي پروگرامز ۽ ڊجيٽل معيشت ۾ نوجوانن لاءِ روزگار جي موقعن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان دوران پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن بابت هاڪاري خيالن جي ڏي وٺ ۽ ڊجيٽل پاڪستان جي ويزن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ جاپان سان حصيداري تي اتفاق ڪيو ويو. جاپاني سفير پاڪستان ۾ تعليم ۽ ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ بابت سهڪار جي خاطري ڪرائي.