اسلام آباد- 10 اپريل (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر هن ريت جاري ڪيا آهن. جاري انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 31 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 25 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 26 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 26 هزار 300 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 54 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 54 هزار 400 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 35 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 17 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 18 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 11 هزار 900 ڪيوسڪ آهي. تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1411.27 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.102 ملين ايڪڙ فوٽ. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1097.50 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.327 ملين ايڪڙ فوٽ، چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 642.50 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.075 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.