اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي بندرگاهن کي مقابلي جي معيار تي آڻڻ جي لاءِ واپاري ٽيرف تي نظرثاني ڪرڻ، ڪسٽمز ڪليئرنس جي وقت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ جديد اسڪينرز هڻڻ جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ سڌارن جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته توانائي جي شعبي ۾ پائيدار سڌارن جي لاءِ ٺاهيل ٽاسڪ فورس جي ڪوششن سان بجلي جي اگهن ۾ تازي گهٽتائي ممڪن ٿي، توانائي جي شعبي جي لاءِ جوڙيل ٽاسڪ فورس جي طرز تي ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ پائيدار سڌارن جي لاءِ ٽاسڪ فورس ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته سمنڊ سان واڳيل اڪانومي ۾ ڊگهي عرصي کان موجود جمود کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سڌارن تي ڪم تيزي سان جاري آهي، الله تعاليٰ پاڪستان کي ڊگهي سامونڊي پٽيءَ، سمنڊ ۽ ٻيا لامحدود وسيلا عطا ڪيا آهن، عالمي معيشت جي ترقي سامونڊي وسيلن ۽ انهن تائين پهچ سان ڳنڍيل آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ملڪي بندرگاهن کي چٽاڀيٽي معيار تي آڻڻ جي لاءِ واپاري ٽيرف تي نظرثاني ڪئي وڃي. هن ڪسٽمز ڪليئرنس جي عمل ۾ گرين چينل جي طرز تي تيزي آڻڻ جي لاءِ ريڊ ۽ ييلو چينلز ۾ ڪليئرنس جي وقت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن حڪم ڏنو ته بندرگاهن تي موجود ڪنٽينرن جي موجودگي جي وقت کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهي وڃي. وزيراعظم بندرگاهن تي موجود نيلام ٿيندڙ ڪنٽينرن کي جلد کان جلد نيلام ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن پورٽ تي موجود جڳهه جو بهتر استعمال ڪري سگهجي. وزيراعظم سمورن بندرگاهن تي جديد ترين اسڪينر هڻڻ جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم سامونڊي معاملن ۾ سڌارن جي لاءِ ٺاهيل ٽاسڪ فورس جي ميمبرن ۽ ٻين ڌرين جي ڪم کي ساراهيو. وزيراعظم کي ان موقعي تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايندڙ 10 سالن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي نيشنل ڊريجنگ پلان جوڙيو ويو آهي جنهن تحت سمورن ملڪي بندرگاهن جي ڊريجنگ جي لاءِ نيشنل ڊريجنگ ڪمپني ٺاهي ويندي، ايندڙ 25 سالن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حڪمت عملي پڻ تيار ڪئي وئي آهي، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي نجي شعبي کي شامل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ تربيت يافته افرادي قوت شامل ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي پيش ڪئي وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ملڪي بندرگاهن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سمورين بندرگاهن جي فنانشل، ايڇ آر ۽ پرفارمنس آڊٽ ڪئي ويندي، ڪيميائي ڪچري ۽ ٻئي خطرناڪ مواد کي تلف ڪرڻ جي لاءِ گڏاڻي ۾ پلانٽ قائم ڪيو پيو وڃي، سمورين بندرگاهن تي هڪ جهڙا اصول ۽ ضابطا لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ميري ٽائيم پورٽ ايڪٽ حتمي مرحلن ۾ آهي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، اعظم نذير تارڙ، احد خان چيما، جنيد انور، وزيراعظم جو صلاحڪار سيد توقير شاهه، اسٽيٽ جو گورنر ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.