اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته رمضان ريليف پئڪيج تحت ڊيجيٽل والٽ جي ذريعي انتهائي شفاف ۽ آسان طريقيڪار سان رقم مستحقين تائين پهتي، رمضان ريليف پئڪيج دوران ملندڙ شڪايتن کي اڳتي جي حڪمت عملي ٺاهيندي نظر ۾ رکيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار پرائيم منسٽر رمضان ريليف پئڪيج 2025ع جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن ۽ رمضان ريليف پئڪيج يج حوالي سان معاون نجي ڪمپنين جي نمائندن شرڪت ڪئي. وزيراعظم رمضان ريليف پئڪيج جي لاءِ ڪم ڪندڙ حڪومتي ڪور ٽيم ۽ معاون ادارن جي بهترين ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته رمضان ريليف پئڪيج جي حوالي سان پهريون ڀيرو ڊيجيٽل والٽ متعارف ڪرايو ويو جنهن جي ذريعي انتهائي شفاف ۽ آسان طريقيڪار سان رقم مستحقين تائين پهتي، رمضان پئڪيج پوري پاڪستان بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي لاءِ بنا ڪنهن فرق جي متعارف ڪرايو ويو، ان پئڪيج کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ، بي آءِ ايس پي، پي ٽي اي، نادرا ۽ ٻين معاون ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته رمضان ريليف پئڪيج دوران ملندڙ شڪايتن کي اڳتي جي حڪمت عملي ٺاهيندي نظر ۾ رکيو وڃي، ان ماڊل کي ٻين حڪومتي اسڪيمن ۾ اختيار ڪيو وڃي. اجلاس کي رمضان ريليف پئڪيج 2025ع جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته رمضان ريليف پئڪيج جي 79 سيڪڙو رقم انتهائي شفاف طريقي سان مستحقصين کي پهچائي وئي اهي، وزيراعظم رمضان ريليف پئڪيج جي حوالي سان 2224 ملازم ڊيوٽي تي مقرر هئا، رمضان ريليف پئڪيج جي حوالي سان ڪل 1273 شڪايتون مليون جن جي حل لاءِ فوري قدم کنيا ويا. بئنڪن ۽ ٻين معاون ادارن پاران ان پئڪيج جي آگاهي جي حوالي سان 6.2 ملين روبو ڪالز ڪيون ويون، 178700 آئوٽ بائونڊ ڪالز ڪيون ويون جڏهن ته 6.1 ملين ايس ايم ايس موڪليا ويا، نيشنل ٽيلي ڪام ڪارپوريشن جي ڪال سينٽر تان ان پئڪيج جي معلومات جي حوالي سان 126839 آئوٽ بائونڊ جڏهن ته 158551 ان بائونڊ ڪالز ٿيون، رمضان پئڪيج تحت 1.9 ملين ڊيجيٽل ادائيگيون ٿيون ۽ 951191 ڊيجيٽل والٽ استعمال ٿيا جيڪو ڊيجيٽل نيشن پاڪستان جي ويزن جي تڪميل طرف اهم قدم آهي، 823653 عورتن ڊيجيٽل والٽ استعمال ڪيو جڏهن ته 2541 خصوصي ماڻهن ڊيجيٽل والٽ جي ذريعي رقم وصول ڪئي، اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي رمضان پئڪيج جي ڀرپور آگاهي مهم هلائي وئي.