رياض-02 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت تاجڪستان، ڪرغزستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ٽه ڌُري معاهدي جي آجيان ڪئي آهي جنهن تحت ٽه طرفي عالمي سرحد جي ميلاپ جي نقطي جو تعين ڪيو ويو آهي. ان جي ٽنهي ملڪن وچ ۾ دائمي دوستي جي حوالي سان خجند پڌرنامي تي صحيحون ڪيون ويون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب معاهدي تي صحيح جي حوالي سان تاجڪستان، ڪرغزستان ۽ ازبڪستان جي حڪومتن ۽ عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏنيون آهن گڏوگڏ انهن لاءِ استحڪام ۽ خوشحالي جي نيڪ تمنائن جو اظهار پڻ ڪيو آهي.