گڏيل قومون-28 مارچ(اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته جمهوريه ڪانگو جو حل فوج نه پر ڳالهين ۾ آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل جي گذريل مهيني جي ٺهراءَ تي مڪمل طور تي عملدرآمد جو مطالبو ڪيو جنهن ۾ ڪانگو جي ٻين علائقن مان روانڊان جي حمايت يافته مارچ 23 تحريڪ ايم 23 باغين کي ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو هو ۽ ڪانگو ۽ روانڊا کي خطي ۾ امن جي قيام لاءِ سفارتي ڳالهين ۾ واپس آڻڻ جي ترغيب ڏني هئي. پاڪستاني نمائندي ڪانگو ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال تي بحث دوران اهو واضح آهي ته ان تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي، هن زور ڀريو ته سمورين ڌرين کي مسئلي جي حل لاءِ نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته آفريقي قيادت ،سهولتڪار قدمن سميت سموريون ڌريون جائز سيڪيورٽي خدشن تي جامع ڌيان ڌيڻ لاءِ فريم ورڪ فراهم ڪنديون.سفير انتهائي ڏکين حالتن ۾ ڪانگو ۾ گڏيل قومن جي اداري استحڪام مشن (ايم او اين يو ايس سي ايو) جي امن جٿن جي ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو ته انهن پابندين کي هٽائڻ گهرجي جيڪي مشن جي امن دستن کي ڪم کان روڪي رهيون آهن ۽ امن فوج کي خطري ۾ وجهي رهيون آهن.