ابوظهبي-28 مارچ (اي پي پي)گڏيل عرب امارات جي مرڪزي بئنڪ اماراتي درهم جو سرڪاري علامت وارو (لوگو) جاري ڪيو آهي. نئون لوگو مرڪزي بئنڪ گلوبل فارين ايڪسچينج چارٽر سان گڏجي جاري ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب نئين علامت کي عالمي سطح تي متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو امارات جي عالمي مالياتي مرڪز طور مستحڪم ڪرڻ طرف هڪ قدم آهي. مرڪزي بئنڪ پاران ڪرنسي جي ڊجيٽل طريقي جي حوالي سان ڊجيٽل درهم به جاري ڪيا ويندا آهن جنهن لاءِ به نئون لوگو متعارف ڪرايو ويو آهي. درهم جي نئين علامت انگريزي اکر ”ڊي “ کان متاثر آهي ۽ ان ۾ ٻه افقي لڪيرون آهن. جيڪي مالياتي استحڪام جي نمائندگي ڪن ٿيون جنهن جي ڊيزائن امارات جي جهنڊي کان به متاثر آهي. جيڪو فخر ۽ لچڪ جي علامت آهي. سينٽرل بئنڪ جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اماراتي ڊجيٽل ڪرنسي هلندڙ سال 2025ع جي چوٿين ٽه ماهي ۾ جاري ڪرڻ جو امڪان آهي جيڪا لائسنس يافته مالياتي ادارن ۽ بئنڪن مان حاصل ڪري سگهجي ٿي.