اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) اسلام آباد هوائي اڏي تي هڪ تقريب دوران روسي سفير نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي ذريعي پاڪستاني عوام جي لاءِ 30000 ڪلوگرام امدادي سامان حوالي ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب روسي حڪومت جي هڪ خصوصي جهاز اها امداد ماسڪو کان پاڪستان منتقل ڪئي. تقريب ۾ پرڏيهي وزارت، اين ڊي ايم اي ۽ پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي جا اعليٰ عهديدار موجود هئا. روس فيڊريشن جي سفير البرٽ کوروف پنهنجي مختصر خطاب ۾ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ مضبوط دوستي تي زور ڏنو. هن 2005ع جي ٻن زلزلن ۽ 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ روس پاران پاڪستان کي فراهم ڪئي ويندڙ انساني امداد کي ياد ڪيو ۽ چيو ته هي تازه ترين امدادي سامان پاڪستان ۾ ريليف ڪوششن ۾ مدد جي لاءِ موڪليو ويو آهي. يورپ جي لاءِ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري سفير شفقت علي خان روسي حڪومت ۽ عوام جا دل سان ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هي امداد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط دوستي ۽ يڪجهتي جي علامت آهي. اين ڊي ايم اي اها امداد ورهائڻ جي لاءِ پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي کي منتقل ڪري ڇڏي آهي.