رياض-27 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي عسير ۾ سيڪورٽي فورس نشي وارا ٻوٽا “قات” اسمگل ڪرڻ ۽ علائقي ۾ انهن جي فراهمي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سيڪيورٽي فورسز اسمگلنگ ۾ ملوث 15 ماڻهون گرفتار ڪيا آهن. سيڪيورٽي فورسز موجب اسمگل ڪندڙ گروهه ايٿوپيا جي پرڏيهين تي ٻڌل آهي. اهي ماڻهو غير قانوني طور سرحد پار ڪري قات اسمگل ڪندا هيا ۽ پوءِ مختلف شهرن ۾ سپلائي ڪندا هيا. ڄاڻايل ماڻهن کان جاچ جاري آهي جڏهن ته ضابطي واري ڪارروائي مڪمل ٿيڻ تي کين پبلڪ پراسيڪيوشن حوالي ڪيو ويندو.